رانا سي راٺوڙ

رانا سي راٺوڙ: نامور سماج سڌارڪ، ڊاڪٽر رانا. سي راٺوڙ ولد چمپا رام ميگھواڙ، ڳوٺ چاڙيهار، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ڏاهليءَ مان حاصل ڪئي. انگريزي تعليم گڍڙي مڊل اسڪول ۾ پڙهيو، ڪجهه وقت ڇاڇري مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ڊي. جي ڪاليج ڦليلي، حيدرآباد مان انٽر سائنس ڪيائين. لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽيءَ) ڄام شوري مان 1961ع ۾ ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري، پهرين سول اسپتال ميرپورخاص ۾ ۽ بعد ۾ ننگرپارڪر ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. 1963ع ۾ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٽنڊو محمد خان، 1965ع ۾ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ آر. ايم.او ۽ ان کان پوءِ 1973ع تائين تعلقي اسپتال ٽنڊي محمد خان جو انچارج ٿي رهيو. 1975ع ۾ ڊگھڙي اسپتال جو انچارج ۽ ان کانپوءِ هڪ سال تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ رجسٽرار سرجريءَ جي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏنائين. ڊاڪٽر رانا سي. راٺوڙ، 1976ع کان 1979ع تائين سول سرجن ٺٽو ۽ 1990ع ۾ سول سرجن سانگهڙ ٿي رهيو. سنڌ سرڪار پاران کيس نمايان ڪارڪردگيءَ سبب ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز، سنڌ، حيدرآباد مقرر ڪيو ويو ۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين.
ڊاڪٽر رانا سي راٺوڙ ميڊيڪل آفيسر ٿيڻ کانپوءِ آل سنڌ شيڊيول ڪاسٽ ايسوسيئيشن جو صدر منتخب ٿيو. انهيءَ کان سواءِ ’هريجن ٽرسٽ‘ جو ميمبر، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو صدر، ٺٽي ريڊ ڪراس ۽ ٽي. بي ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري، سانگهڙ ۾ پي. ايم. اي جو صدر رهيو. ان دوران وڏيءَ سطح تي ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ڪرايائين. 1972ع ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ آئي ته هيءُ 14 ٽيمن جو نگران هو. 1965ع جي جنگ دوران به فرنٽ لائين تي ٽيمون تيار ڪري موڪليائين.


لفظ رانا سي راٺوڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو